SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


PCA Permanent Court of Arbitration

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pca
  • pəːmənənt
  • kɔːt
  • ɔf
  • ɑːbitreiʃən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

PCA Permanent Court of Arbitration

پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽيريشن

ٽياڪڙيءَ جي مستقل عدالت

هن عدالت جو قيام 1899ع ۾ ڪوٺايل پهرئين ” هيگ ڪنونيشن“ جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، جنهن بابت وڌيڪ سُڌاريل تصور 1907ع ۾ ”ٻئي هيگ ڪنوينشن “ڏنو ويو. پنهنجي نالي جي حوالي سان بظاهر هيءَ عدالت ٽيا ڪڙيءَ ۽ امانتي فيصلن جي حوالي سان ڪو مستقل ادارو نظر اچي ٿي، پر اصل ۾ اهو قانوندانن تي ٻڌل هڪ اهڙو فورم آهي ، جيڪو مليل/ ڏانهس موڪليل تڪراري معاملي جو جائزو وٺي ، اڻ- ڌُريو موقف ڏئي ٿو . ڪنهن به تڪراري معاملي ۾ چئن قانوندانن کي ” امانتي فيصلي“ لاءِ چونڊيو وڃي ٿو ، جن مان ٻه تڪراري ڌُريون ترتيبوار ٻه ٻه نالا چونڊي مٿانئن اعتماد ظاهرڪن ٿيون. ان کان پوءِ چونڊيل چئن قانوندان گڏجي ڪنهن پنجين قانوندان جي ”منصف“ (Umpire) طور چونڊ ڪن ٿيون . پنهنجي منفرد طريقي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان هيءَ ”عدالت“ سدائين تنقيد هيٺ رهي ، پر سندس وجود کي ٻين عالمي ادارن وانگر قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻن تڪراري ڌُرين پاران مٿائنس اعتماد سبب بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا . هن عدالت جو اهم دور 1900ع کان 1932ع وارو سڏجي ٿو، جڏهن دُنيا جا ويهه اهم تڪراري معاملا سندس آڏو پيش ڪيا ويا، پر بعد ۾ سندس ڪردار محدود ٿي ويو . خاص طور بين الاقوامي انصاف جي مستقل عدالت ( 1921 ع) ۽ بين القوامي عدالت انصاف (1946ع) جي بر قيام PCA جي اهميت ۽ڪردار کي غير اهم بڻائي ڇڏيو


Remember Me Also:

اوڻا وجهڻ

ڍڳڙيُون ٺاهڻ. اَن تقسيم ڪرڻ لاءِ ڍڳڙين ۾ ورهائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal